پشاور – 02 جنوري (اي پي پي) ضلعي ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ هندوئن جي مقدس جڳهه شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ سوين هندو ياترين جي آمد ٿي. مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ايندڙ 215 ياترين مان 173 غيرملڪي ماڻهو جن ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جا 159 شهري، باقي غيرملڪي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ هندو شامل هئا. هندو برادري جو قافلو پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ واهگه بارڊر تان پاڪستان ۽ اتان هوائي سفر ذريعي پشاور پهتو ??و. ??يڪو بعد ۾ اتان روانو ٿي سخت سي??يورٽي ?? ضلعي ڪرڪ جي ٽيري سماڌي پهتو جتي هندو برادري جي مذهبي رسمن جي موقعي تي ڪرڪ پوليس پاران سي??يورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. ڊي پي او ڪرڪ شفيع الله خان گنڊاپور سي??يورٽي صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي رهيو هو جڏهن ته ٽيري سماڌي تي ايس پي انويسٽيگيشن ظاهر شاهه خان سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهيو هو. ڀارت مان آيل هندوئن سميت غيرملڪي ياترين سي??يورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي سي??يورٽي انتظامن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ان موقعي تي هندو ياترين پوليس جي سي??يورٽي انتظامن کي ڏسندي انتهائي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ايترو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت ۽ ڪرڪ پوليس جا سچي دل سان ٿورائتا آهيون جڏهن ته ان موقعي تي هندو ڪائونسل پاڪستان جي ايم اين اي رمي?? ڪمار پوليس جي سي??يورٽي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته ڪرڪ پوليس پنهنجي پوري ذ??يو??ري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ادا ڪئي آهي. جنهن سان اسان سڀني کي انتهائي خوشي محسوس ٿي آهي، جن اسان جي مذهبي رسمن جي ادائيگي دوران پرامن ماحول فراهم ڪيو. هن چيو ته ٽيري سماڌي تي ياترين جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي. جيڪو ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاءِ خوش آئنده آهي.
ٽيري ۾ شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ سوين هندو ياترين جي آمد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ