ميڊرڊ – 12 جنوري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي سان گڏوگڏ سي??حت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم هيڊڪوارٽر ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي جنرل سيڪريٽري سان ملاقات دوران چئي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري جنرل زوراب پولوليڪا شويلي پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي آجيان ڪئي. اسپين ۾ پاڪستان جو سفير شجاعت راٺور پڻ پر??يهي وزير سان گڏ ??و. پر??يهي وزير سيڪريٽري جنرل زوراب پولوليڪا شويلي کي ايندڙ چئن سالن جي م??ي (2022ع کان 2025ع) جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي م??ارڪباد ڏني ۽ سي??حت جي فروغ ۽ ورثي جي تحفظ جي ڏس ۾ يو اين ڊبليو ٽي او جي موثر ڪردار کي ساراهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ريتيءَ وارن سمنڊن کان وٺي شڪوه جبلن تائين پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي سي??حتي جايون موجود آهن. وزيراعظم ع??ران خان جي ويزن جي روشني ۾ پاڪستان حڪومت سي??حت جي فروغ جي حوالي سان 10 سالا روڊ ميپ تي عمل پيرا آهي. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت سي??حن جي سهولت لاءِ اي ويزا جاري ڪرڻ سميت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي آهي. پر??يهي وزير پاڪستان ۾ سي??حت جي شعبي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ فني م??اونت جي لاءِ يو اين ڊبليو ٽي او ٽيم جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي اميد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي سان گڏوگڏ سي??حت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پر??يهي وزير يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل کي م??حولياتي انحطاط کي منهن ڏيڻ ۽ فطرت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ سي??حتي جاين کي م??فوظ بنائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي 10 بلين سونامي ٽري منصوبي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي جايون اهڙيون آهن جتي سي??حن جو ڌيان آهي، وڏي پئماني تي ڪورونا ويڪسي نيشن کانپوءِ سي??حن جي چرپر ۾ بهتري م??وقع آهي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري جنرل سي??حت جي فروغ لاءِ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن کي ساراهيندي سي??حت جي فروغ جي لاءِ ڀرپور معاونت جي فراهمي جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ سان گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا