اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج ج??ٽس عمر عطابنديال 28هين چيف ج??ٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ج??ٽس عمر عطابنديال چيف ج??ٽس جي طور تي مقرري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج ج??ٽس عمر عطابنديال کي چيف ج??ٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف ج??ٽس آف پاڪستان ج??ٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويو هو.
جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو، وزيراعظم جي خصوصي شرڪت
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا