اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته ڀارت هڪ پرتشدد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ بالادستي جي ارادن جي ڪري ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون جي تنظيم (سارڪ) کي فعال ٿيڻ نه ڏئي رهيو آه??. ايوان صدر ۾ سريلنڪا جي بحريه جي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل نشانٿا او??وگ??ٽن سان ملاقات ۾ صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ اقل??تن تي ظلم ۽ ڏاڍ هڪ سنگين ڳڻتي جو سبب آه?? ۽ بدقسمتي سان ڀارتي حڪومت ان کي نظرانداز ڪري رهي آه??. صدر چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سريلنڪا سان گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سياحت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آه?? جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي تعاون ۽ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت آه?? ڇو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جون ڪيتريون ئي جايون آه?? ۽ سريلنڪا جي ٻڌ ڀکشوئن کي مذهبي جاين جي سير جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آه??. سيالڪوٽ واقعي جي مذمت ڪندي صدر سريلنڪا جي هڪ شهري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروا??ي ڪئي. صدر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ گوادر پورٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ اقتصادي خوشحالي جو سبب بڻجندا. وائيس ايڊمرل نشانٿا او??وگ??ٽن مشڪلاتن ۾ سريلنڪا جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن سريلنڪن شهري جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف حڪومت پاران ڪيل ڪارروائي کي پڻ ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ڀارت هڪ پرتشدد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز