اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي وفاقي ڪابينا پاران قومي اسيمبلي ڏا??هن موڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏا??هن موڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏي??هن پنهنجي رولنگ ۾ مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، منهنجي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو ??هي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ محب وطن پاڪستان جي حيثيت ۽ قومي اسيمبلي جي محافظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هي خط پاڪستان جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي ڏنو ويو هو هاڻي اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪستان جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران اڳوڻي سفير کي مو??ليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏا??هن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania