اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي و??ير خواجه محمد آصف ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين نڪتل ريلي کي خطاب ڪري رهيا هئا. دفاع واري وفاقي و??ير چيو ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ڪشمير جو پاڪستان سان رشتو ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي. اسان هڪ قوم جي حيثيت سان ان عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير سان اسان جو عزم لازوال آهي، ان ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ايندي، ڪشمير ڪڏهن ان ۾ گهٽتائي نه ڏسندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڄ مظاهرا ٿي رهيا آهن پر ا??و ڪافي نه آهي، ڪشمير جو مسئلو 75 سالن کان هڪ زخم آهي ۽ ان زخم تي مرهم رکڻ پاڪستاني عوام جو عزم آهي، رڳو مخصوص ڏينهن ۾ احتجاج تائين محدود ناهي رهڻو، پاڪستان جي عوام ان ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي لاءِ اسان جي فوج جنگيون وڙهيون، هو ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي پهرا ڏئي رهيا آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين کي ڪشميرين سان وابستگي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي و??يراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته هي ريلي ڪڌا ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ جيڪي 70 سالا تي ٻڌل آهي پر ڪشميرين جو جذبو هر حربي جي باوجود گهٽ ناهي ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبو رکنديون آهن انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ان جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي و??ي. پاڪستان ۾ هر حڪومت ان عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت هن ڪيس کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ عالمي فورمن تي اٿارڻ ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي ان تڪرار بابت آگاهي جي ضرورت آهي. اسان کي عالمي دنيا کي وڌيڪ جهنجوڙڻ ۽ بار بار ا??و ڪيس پيش ڪرڻو آهي. حڪومت، ميڊيا، پرڏيهي و??ارت کي ان ڪيس کي جارحاڻي انداز ۾ اٿارڻو آهي، ڀارت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد تائين پاڪستان جي حمايت جاري رهندي. ان جذبي کي جاري ۽ ساري رکڻو آهي. پنهنجي نوجوان نسل کي ان مسئلي ۽ ان جي پاڪستان جي لاءِ اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي. اها پڄاڻي پاڪستان جي جدوجهد آهي. ان موقعي تي حر??ت قيادت، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ موجود هو.
پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: خواجه محمد آصف/ قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ