اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب زلمي خليل زاد جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان سان آ??ريڪي سازش ۽ امپورٽيڊ رجيم جي اصليت سامهون اچي وئي آهي، جيوش لابي پنهنجو ڪـٺ پتلي بچائڻ جي ??اء?? سامهون اچي چڪي آهي، فارن فنڊنگ جي ڏوهاري جا هينڊلرز سامهون ايندا پيا وڃن، فارن فنڊنگ جو نيڪسس بي نقاب ٿي ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فارن ايجنٽ ڪير آهي، ثابت ٿي ويو. توه??ن کي ڪٺ پتلي چار سال انساني حقن جون بدترين پائماليون ڪيون، توهان جي ڪٺ پتلي ميڊيا پريڊيٽر بڻجي چڪي آهي. هن عمران خ??ن کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو ڪٺ پتلي پاڪستان ۾ مالياتي، سياسي ۽ سفارتي تباهي جو ذميوار آهي، عالمي لابسٽ پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي ??اء?? متحرڪ ٿي ويا آهن، اهو ٽوئيٽ انهي منصوبي جي ڪڙيءَ آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی