پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 م??ي ??ي سول ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي، ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي، س??ل عمارتن تي حملن جي ڏوهارين جي خ??اف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملي آورن ۽ منصوباسازن جي خ??اف دفاعي ادارن کي حاصل آئيني اختيار تحت ڪارروائي ٿيندي. گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. مصروفين جي ڪري هي اجلاس نه ٿي سگهيو. 9 ۽ 10 م??ي ??ي جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا ان حوالي سان زوم تي اجلاس منعقد ڪيو. ان ڏينهن پاڪستان جي دوست نما دشمنن دهشتگردي ڪئي ۽ پاڪستان جي دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪري اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو. وفاقي حڪومت صوبا??ي ??ڪومتن ۽ ادارن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته سول ٺڪاڻن تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن ۽ منصوباسازن جي خ??اف دهشتگردي جي ايڪٽ جي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خ??اف قانون جيڪو اختيار دفاعي ادارن کي ڏنو آهي ان تحت قانوني ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اها هدايت ڪ??ي ??هي ته ان عمل ۾ ڪنهن به بيگناهه کي نقصان نه پهچي ۽ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿ??ي ??ڏهن ته جيڪي ماڻهو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ملڪ دشمني ۾ ملوث ڏٺا ويا يا منصوبابندي ڪئي، اهي سڀ ان ڏوهه ۾ شامل آهن ۽ انهن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ قوم اسان کي معاف نه ڪند?? ۽ ??يڪڏهن اسان پنهنجي قومي فرض کي امانت سمجهي ادا نه ڪيو. ان سان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.
9 ۽ 10 مئي تي سول ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ