اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – تر??يه لاڳاپن کي فروغ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چيو ته پنهنجي ويجهي دوست ۽ ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي تر??يه جي صدارتي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته رجب اردوان جي فتح عوام جي ان تي ڪيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي، تر??يه اسان جو تمام ويجهو دوست آهي جنهن سان اسان جا صدين کان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه مشڪل وقتن جا پراڻا ساٿي آهن، پاڪستان ۽ تر??يه سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته رجب طيب اردوان جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – تر??يه لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته اسان صدر رجب طيب اردوان سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تر??يه سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ??يڻ جا منتظر آهيون.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال