اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? ا??ئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ??لاقات ڪئي. ملاقات ۾ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان ??وجب ايئر چيف معزز مهمان کي پاڪ فضائيه کي جديد بڻائڻ ۽ مقامي صلاحيتن جي فروغ لاءِ جاري مختلف منصوبن بابت آگاهه ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه پرڏيهي وزير کي پاڪ فضائيه جي نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ پراجيڪٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان ??يگا پراجيڪٽ جو مقصد ايو?? ا??شن، آءِ ٽي، سائبر ۽ ڪمپيوٽنگ جي شعبن ۾ گڏيل تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن پاڪستان جي لاءِ سماجي، اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي. پرڏيهي وزير پاڪ فضائيه ج?? ا??لڪارن جي بي مثال پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاڪ فضائيه کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ته جيئن ملڪ جي فتح نه ٿيڻ جوڳي فضائي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪ فضائيه جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم پاڪ فضائيه جي سمورن شهيدن جي ٿورائتي آهي جن دشمن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ بهادري سان ??ڙهندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن پاڪ فضائيه جي قيادت پاران تربيتي شعبي ۾ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو جن سان ??ڪ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪري سگهبي جيڪا ايو?? ا??ڊسٽري جي تبديل ٿيندڙ رجحانن ۽ ق??مي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندي هجي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال