اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ ??نڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شرو??ات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جڏهن خادم اعليٰ پنجاب هو، تڏهن هن پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ ??نڊ جو بنياد رکيو هو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هن پاڪستان انڊوومنٽ ??نڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هلندڙ سال ان ??نڊ ??ان 12 هزار باصلاحيت ۽ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا جنهن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي. ايندڙ چار سالن ۾ ان ??نڊ ??ان 10 ارب رپين جا وظيفا ميرٽ تي ڏنا ويندا. وزيراعظم اڄ قومي نصاب ۾ پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي شموليت جي پڻ شرو??ات ڪندو. ان سان نه رڳو پاڪستان جي نئين نسل آئين ۾ ڏنل پنهنجي بنيادي حقن بابت آگاهه ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ ڪوڊنگ جهڙي جديد هنر حاصل ڪرڻ سان عالمي سطح تي افرادي قوت جي مقابلي ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪري سگهندي. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.
وزيراعظم پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا