اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي، ته رليف جي حوالي سان آءِ ايم ايف طرفان اڄ يا سڀاڻي ج??اب اچي ويندو ۽ اميد آهي ته ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿيڻ بعد هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ عوام لاءِ رليف جو اعلان ڪيو ويندو. بجلي چوري سبب بجلي ج?? بلن جي ادائگي ڪندڙ ??ار??ين کي بجلي ج?? وڌيڪ اگهه ادا ڪرڻو پوندو آهي. هر علائقي ۾ بجلي چوري ۽ رڪوري ج?? صورتحال مختلف آهي. گهريلو ??ار??ين ۾ ڪجهه بجلي چوري ڪندا آهن ۽ ڪجهه بل ئي ادا نه ڪندا آهن جنهن ڪري بل ادا ڪندڙ ??ار??ين تي بار پوندو آهي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نگران وزيراعظم جي هدايت تي بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ 10 ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون موجود آهن. اسلام آباد، لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد، ۽ ملتان جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ 79 ارب يونٽ?? جو نقصان ٿيندو آهي، رڳو 5 ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي 344 ارب رپين جي بلنگ مان 100 ارب رپي?? جو نقصان آهي. جڏهن ته پشاور، حيدرآباد، ڪوئٽا، سکر ۽ قبائلي علائقن/ اي ج?? ڪي ۾ 489 ارب رپي?? جو نقصان آهي ۽ انهن 5 ڪمپنين جي 60 سيڪڙو به رڪوري ناهي ٿيندي. توانائي واري نگران وز??ر چيو ته ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي چوري ج?? شرح تمام وڏي آهي، مردان ۽ شڪارپور ۾ بجلي ج?? نقصان جي شرح تمام وڌيڪ آهي. جن علائقن ۾ بجلي ج?? چوري وڌيڪ آهي انهن جي ڊيٽا وڌيڪ موجود آهي. مردان جي رڳو هڪ علائقي مان هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان آهي. هن چيو ته جن علائقن ۾ 50 کان 60 سيڪڙو چوري آهي اتي خانگي شعبي کي شامل ڪيو ويندو. توانائي واري وز??ر چيو ته بجلي چوري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 3 قدم کنيا آهن. بجلي ج?? گهٽ چوري ڪندڙ علائقن ۾ ٽيڪنالاجي ج?? استعمال ڪيو ويندو. 60 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوري واررن علائقن ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو. ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي انتظاميه جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪيو ويندو. هن چيو ته بجلي چوري ۾ ملوث اهلڪارن جي پڻ فهرست تيار ڪئي وئي آهي. بجلي چوري خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ فيڊرن جي ڊيٽا حاصل ڪئي آهي. بجلي چوري ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪار?? جو بدليون ڪيون وينديون جن جي فهرست اليڪشن ڪميشن کي پڻ اماڻي وئي آهي. بجلي چوري ج?? حوالي سان اليڪٽرڪ سٽي ٿيفٽ ڪنٽرول ايڪٽ به تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ توانائي واري وزارت م اهي قدم کنيا پيا وڃن ڇاڪاڻ ته اسا?? جو هدف آهي ته 589 اربن جي چوري کي گهٽائي سگهجي. هن چيو ته ٻن کان ٽن هفتن م قانوني ڊرافٽ تيار ٿي ويندو. مسودو تيار ٿيندي ئي آرڊيننس جي منظوري لاءِ اماڻيو ويندو. هن چيو ته ورڇيندڙ ڪمپنين جا انتظامي معاملا به غور هيٺ آهن. هن چيو ته پي پي ايم سي تحت اسلام آباد ۾ ڊيش بورڊ ٺاهيو ويو آهي ۽ بجلي چوري جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ اسپيشل ڪورٽون قائم ڪرڻ لاءِ غور ڪيو پيو وڃي، هر ڊسڪو جي ڪارڪردگي کي مانيٽر ڪيو ويندو. نگران وفاقي وز??ر چيو ته سڄي دنيا ۾ بجلي ورڇيندڙ ڪمپني?? جو ڪنٽرول صوبن وٽ هوندو آهي، صوبائي سطح تي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ سان بجلي چوري تي ضابطو آندو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڊسڪوز کي صوبن جي حوالي سان ڪرڻ ۽ نجڪاري ج?? آپشن به غور هيٺ آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جيتري بجلي ٺهندي آهي اها حڪومت خريد ڪندي آهي، ماضي ج?? ڪيپيسٽي پيمنٽس سان گڏوگڏ سسٽم کي اپگريڊ ناهي ڪيو ويو. نگران وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف کي پلان اماڻيو ويو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف طرفان اڄ يا سڀاڻي ج??اب اچي ويندو ۽ اميد آهي ته ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿي ويندو. ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ عوام لاءِ رليف جو اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي تي توانائي واري سيڪريٽري راشد لنگڙيال چيو ته ڪيترن ئي علائقن م بجلي ج?? چوري زبردستي ڪئي ويندي آهي. سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته خصوصي ٽاسڪ فورس جو مقصد چوري روڪڻ آهي جڏهن ته ڪرمنل ايڪٽ بابت فيصلو صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو اختيار آهي. هن چيو ته ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي غير سياسي ڪيو ويندو.
بجلي چوري سبب بل ادا ڪندڙ صارفين تي بار وڌندو آهي،آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿيڻ بعد هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ عوام لاءِ رليف جو اعلان ڪيو ويندو: توانائي وارو نگران وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر