مظفر آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آه?? ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندي معصوم ۽ بيگناهه ڪشميرين ج?? امنگن ج?? ابتڙ ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد ۽ دهشتگردي جي ذريعي ڪسمير ۾ پنهنجي فوج لاهي رياست جي هڪ وڏي حصي تي جابراڻو قبضو ڪيو ۽ ان کانپوءِ انساني حقن ج?? خلاف ورزينجو اهڙو دور شروع ٿيو جو ڪشميرين کي انهن ج?? بنيادي انساني حقن کان ئي محروم ڪيو ويو، 27 آڪٽوبر تي خوني لڪير جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، والاريل ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آه??. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن ج?? موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪشميري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غي??قانوني قبضي کي قبول نه ڪيو، 1947ع ۾ عوامي بغاوت جي ذريعي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي جنهن سان ڀارت بوکلائجي ويو، ڀارتي حڪومت پهرين ج??وري 1948ع تي گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل سان رجوع ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي انهن ج?? خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن تي گذريل 76 سالن کان عملدرآمد ڪرڻ کان انڪاري آه?? ۽ مسلسل رياستي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين ج?? دلين مان آزادي جي تڙپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آه??. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته والاريل واديءَ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿو گذري جڏهن ڪشميرين تي ظلم نه ٿيندو هجي، معصوم ڪشميرين تي اهڙا ظلم ڪيا ويا آه?? جو جن سان انسانيت به شرمسار ٿي وئي آه??، ڀارت لکين ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، هزارين بيگناهه نوجوانن کي قيد ڪري رکيو آه??، حريت قيادت مصيبت خانن ۾ رياستي ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آه??، هزارين عورتن ج?? لڄ لٽي وئي آه?? جڏهن ته روزانو ڪشميرين ج?? ملڪيتن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، انساني تاريخ جي بدترين ظلمن ج?? باوجود ڪشميرين ج?? حوصلو بلند آه?? ۽ انهن ج?? جذبي ۾ ذرو برابر به گهٽتائي ناهي آئي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي جابراڻي قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غي??آئيني غي??قانوني ۽ غي??اخلاقي قدمن کانپوءِ زمينن ج?? قانون ۾ تبديلي ڪري پنهنجي قابض فوج کي ڇانوڻين ج?? لاءِ والاريل واديءَ ۾ زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، اڳوڻن ڀارتي فوجين ج?? لاءِ ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ اسرائيل جي طرز تي والاريل ڪشمير ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسيمبلي سيٽن ۾ حدبندي ڪميشن ج?? ذريعي ڦيرڦار ڪري مسلمانن کي نمائندگي جي حق کان محروم ڪيو ويو آه??، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ دنيا کان والاريل ڪشمير جي صورتحال لڪائڻ جي لاءِ ميڊيا تي سخت پابنديون هنيون ويون آه??.
ڪشميري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪندي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل