اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پ??ڪ) بابت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ميڊيا سي پ??ڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي س??ن عوام تائين پهچائيندي تعميري مڪالمي ۾ پنهنجو حصو وجهي، سي پ??ڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو نه آهي، سي پ??ڪ سان پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ٿيو آهي، سي پ??ڪ تحت 2013ع کان هيستائين 2 لک 36 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. ڪامسٽيڪ ۾ اٺين چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پ??ڪ) ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ کيس چين ۾ ٿيندڙ سي پ??ڪ ميڊيا فورم جي چوٿين ايڊيشن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جيڪو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه بابت پروپئگنڊه کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ مخصوص هو. هن چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ 2014ع ۾ سي پ??ڪ ميڊيا فورم جي شروعات ڪئي ته جيئن سي پ??ڪ جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه بابت گهري آگاهي پ??دا ڪري سگهجي. هن چيو ته سي پ??ڪ پ??ڪستان جي لاءِ انتهائي مناسب وق?? تي آيو جنهن م??تق??ل بابت پاڪستان جي عوام ۾ اميد، اعتماد ۽ يقين پيدا ڪيو. هي منصوبو هاڻي هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ پنهنجي شروعات کانپوءِ کان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پ??ڪ) پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، توانائي جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ ۾ سي پ??ڪ پ??ڪستان کي مدد فراهم ڪئي. هن چيو ته سي پ??ڪ کان اڳ پاڪستان کي 2013ع ۾ مختلف چئلينجز درپيش هئا جن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سميت معاشي خسارو شامل هو. هن چيو ته سي پ??ڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو نه آهي، ان منصوبي تحت 2013ع کان هيستائين 2 لک 36 هزار روزگارجا موقعا پيدا ٿيا، ان منصوبي سان مقامي افرادي قوت کي ترقي جو موقعو مليو جڏهن ته ان منصوبي س??ن علائقائي فرق جي خاتمي ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته سي پ??ڪ پ??ڪستان جي معاشي واڌويجهه کي نمايان طور تي بلند ڪيو ۽ ان ۾ 2 کان 2.5 سيڪڙو سالياني شرح سان اضافو ڪيو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سي پ??ڪ جي 17 هزار 45 ميگاواٽ جي وڏي صلاحيت جنهن ۾ هائيڊرو، ونڊ، سولر ۽ ڪوئلي سان بجلي جي پ??داوار شامل آهي، ان پائيدار ۽ اعتماد جوڳي توانائي جي فراهمي کي يقيني بڻايو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پ??ڪ) بابت عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته پروپئگنڊه عوامي راءِ کي تبديل ڪري ٿي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا معلومات جي صحيح فراهمي ۽ غيرجانبداراڻي بيانيي کي ذميواري سان اڳتي ڦهلايو. هن چيو ته اڄ جي معلوماتي دور ۾ سچائي جي محافظ طور ميڊيا جو ڪردار اڳ کان ڪيترائي وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته سي پ??ڪ نه رڳو اسان جي قوم کي ترقي ڏني پر هڪ روشن، وڌيڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي ويو آهي، هڪ خوشحال م??تق??ل جي لاءِ سي پ??ڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي س??ن عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا جو تعميري مڪالمي ۾ حصو لازمي آهي.
سي پيڪ بابت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا