اسلام آباد – 26 – ??نو??ي (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي، پاڪستان حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پ??وگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان روٽري انٽرنيشنل جي صدر اسٽيفيني ارچڪ جي سربراهي ۾ وفد م??اق??ت ڪئي. وفد ۾ ٿومس اينٿوني گمپ، محمد فيض قدوائي، عبدالعزيز ميمڻ ۽ مسرور شيخ شامل هئا. وفد نگران وزير??عظ?? کي پ??ڪستان سمارٽ وليج پروگرام ۽ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان روٽري انٽرنيشنل جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. نگران وزير??عظ?? اسٽيفيني ارچڪ کي روٽري انٽرنيشنل جي پهرين عورت صدر ج?? عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزير??عظ?? روٽري انٽرنيشنل جي پ??ڪستان ۾ پوليو جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين شعبن جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ترقياتي ادارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پ??وگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اميد آهي ته روٽري انٽرنيشنل پاڪستان ۾ پنهنجي پ??وگرامز جي پهچ ۾ اضافو ڪندي. وفد نگران وزير??عظ?? کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته روٽري پ??ڪستان سمارٽ وليج پروگرام جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، غريب ترين طبقي جي لاءِ شروع ڪيل اهي سمارٽ ويليج زراعت کي فروغ ڏيڻ، قابل تجديد توانائي جي نظام مان فائدو کڻڻ، پاڻي جي نيڪالي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ، پيئڻ جي پ??ڻي جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزير??عظ?? کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روٽري انٽرنيشنل پاڪستان ۾ 8 لک ڪتاب عطيو ڪري چڪو آهي جنهن مان 2 لک ڪتاب رڳو بلوچستان صوبي ۾ ورهايا ويا آهن. وفد نگران وزير??عظ?? کي 10 هزار وڌيڪ ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ روٽري انٽرنيشنل جون موبائيل لائبريريز ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۽ خواندگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. م??اق??ت ۾ قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل