اسلا?? آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني جي دعوت تي صبح ج?? اسلا?? آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير ان دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني سان تفصيلي ??الهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گ??يل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايراني پرڏيهي وزير اسلا?? آباد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ ايران پاران هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪستان پاران ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.
ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada