اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ نجڪاري ۽ توانائي بابت ڪاب??نا ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪندي پي ٽي وي پاران غيرملڪي براڊ ڪاسٽرز کي راندين جي مقابلن جي نشرياتي حقن جي مد ۾ ادائيگين جي اجازت ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪاب??نا جو اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪاب??نا واپار واري وزارت جي سفارش تي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) تحت افغانستان ڪنٽري آفيس جي استعمال هيٺ گاڏين جي اسپيئر پارٽس ۽ نئين ٽائرن جي ڪراچي پورٽ کان ڪابل، افغانستان ٽرانزٽ/ منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪاب??نا کي ٻ??اي?? ويو ته ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ اهڙي درآمدات ۽ ان جي افغانستان منتقلي جي منع آهي جڏهن ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام تحت ڄاڻايل اسپيئر پارٽس ۽ ٽائرز گڏيل قومن جي استعمال ۾ هوندا ۽ انهن کي ڪاروباري استعمال ۾ نه آندو ويندو. وفاقي ڪاب??نا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي سيڪريٽريٽ گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر خان نواز جي هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا ۾ بطور ميمبر ??نانس ٻيهر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا ناڻي واري وزارت جي سفارس تي جي ايس بئنڪ جي اسپانسرنگ شيئر هولڊر شبير احمد رنديري کي بئنڪنگ ڪمپنيز آرڊيننس جي سيڪشن 14 (1) IV کان ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڇوٽ تحت شبير احمد 7.06 سيڪڙو اسپانسرنگ شيئر هولڊر جي حيثيت سان جي ايس بئنڪ لميٽيڊ ۾ پنهنجو ووٽنگ جو حق استعمال ڪري سگهندو. وفاقي ڪاب??نا گهرو وزارت جي سفارش تي ٻٽي سهريت رکندڙ جوابدار عرفان قادر ڀٽي کي ناروي جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪاب??نا کي ٻ??اي?? ويو ته جوابدار ت?? ناروي حڪومت پاران دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي، ان حوالي سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي بطور انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو هو جيڪو جاچ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو ته جوابدار دهشتگردي ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهي، ان معلومات جي روشني ۾ وفاقي ڪاب??نا جوابدار کي ناروي جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت جي سفارش تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال جي خالي جڳهه تي سيد طارق محمد الحسن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن پاران غيرملڪي براڊ ڪاسٽرز کي راندين جي مقابلن جي نشرياتي حقن جي مد ۾ ادائيگين جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا توانائي ببات ڪاب??نا ڪميٽي جي 6 فيبروري 2024ع، ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪاب??نا ڪميٽي جي 7 فيبروري 2024ع، نجڪاري بابت ڪاب??نا ڪميٽي جي 7 فيبروري 2024ع ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 7 فيبروري 2024ع ۽ 14 فيبروري 2024ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا پاران اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ نجڪاري ۽ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪندي پي ٽي وي پاران غيرملڪي براڊ ڪاسٽرز کي راندين جي مقابلن جي نشرياتي حقن جي مد ۾ ادائيگين جي اجازت
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ