اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ٻنهي صد??ن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ??طر??ي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??طر??و تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر ??اڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان ??ي دوري ??ي دعوت پڻ ڏني. صدر ??بارڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنه??جي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.
صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي ٽيليفون، صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد، تاجڪستان جي دوري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena