اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي فرانسيسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولس گيلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ مو??ود هئا. فرانسيسي سفير فرانس جي وز??راعظم جبريل اٽل پاران مبارڪباد وارو خط پهچايو. وز??راعظم مبارڪباد واري پيغام تي فرانسيسي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا فرانس سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن، جيتوڻي ڪجهه سال اڳ اهي لاڳاپا مشڪل دور مان گذريا هئا پر هاڻي ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وز??راعظم فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو جن ۾ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس، جون 2023ع ۾ موسمياتي تبديلي بابت نئين مالياتي معاهدي بابت پيرس ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ملاقاتون شامل هيون. هن جنوري 2023ع ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت جنيوا ڪانفرنس ۾ ورچوئل شرڪت جي ذريعي صدر ميڪرون جي شرڪت کي پڻ ساراهيو. وز??راعظم صدر ميڪرون کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻنهي ڌرين پاران گڏيل تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فرانسيسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن فرانس پاران اعليٰ فرانسيسي ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ليڊرن کي جلد پاڪستان جي دوري تي آڻڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وز??راعظم اهو به ٻڌايو ته معيشت جو استحڪام حڪومت جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. ملاقات ۾ غزه ۽ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وز??راعظم خطي ۾ فرانس جي امن ڪوششن کي ساراهيو. فرانسيسي سفير وز??راعظم جو استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ کيس ٻطرفن معاملن تي ٿيندڙ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻطرفي تعاون تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ فرانسيسي وفد جو پاڪستان اچڻ متوقع آهي. هن چيو ته ٻطرفن رابطن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ فرانس گڏيل قومن سميت گه?? رخي فورمز تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند اهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولس گيلي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania