اسلا?? آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراه??م رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ??فيس پاران جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه اسان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. پرڏيهي ??فيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي ايراني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراه??م رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي ??فيس جاري بيان ۾ چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ايران سان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌا??ڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن