شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو پنهنجو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو، پاڪستان رواني ٿيڻ وقت شانسي صوبي جي نائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ، اعليٰ چيني ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جو 5 ڏينهن جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي ل??ڳاپن جي مضبوطي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ل??ڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات جي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چي?? ته تازو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين جهت جو اضافو آهي. چيني قيادت شي جن پنگ ۽ پريميئر لي ڪي ڪيانگ جو مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ چين جي دوستي ل??زوال ۽ بي مثال آهي. وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، چين جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي قابل تقليد آهي. وزيراعظم چي?? ته چين ۽ پاڪستان جي اقتصادي حصيداري سان ٻن??ي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. تازي چين جي دوري دوران ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي جا اثر ڊگ??ي مدي تائين رهندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج