اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته جمهوريت ۽ آئين جي مضبوطي جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي هلڻ گهرجي، پاڻ ۾ الجه??ل هونداسين ته پارليامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته سياست ضرور ڪرڻ گهرجي پر حدن کي اورانگهڻ نه گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ ميثاق ??مهوريت جي لاءِ فيبروري 2002ع ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي?? ان ??ان اڳ اسان جي تلخ تاريخ رهي هئي، ٻنهي پارٽين آئين جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مئي 2005ع ۾ ميثاق ??مهوريت تي صحيحون ڪيون، ان کانپوءِ ٻين سمورين سياسي پارٽين کي به دعوت ڏني وئي، ان ۾ عمران خان پاڻ موجود هو، ان دستاويز جي سڀني پارٽين توثيق ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ئي الجهيا رهياسين ته پارليامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. گذريل حڪومت جي دور ۾ جيڪڏهن پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿي?? ته ضروري نه آهي ته هاڻي به جاري نه ٿين. هن چيو ته جنهن ڪميٽي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هو ان ڪميٽي جي تائيد ڪري ٿو، اسان کي کليل دل سان ڏسڻ گهرجي ته اهو ملڪ جيڪو 2017ع تائين دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، اهو 2022ع ۾ 47 هين معيشت ڪيئن بڻيو. اسان کي ڏسڻ گهرجي ته دهشتگردي جي خاتمي تي اربين ڊالر خرچ ٿي?? ۽ دهشتگردي ختم ٿي ته ڪهڙا سبب آهن جو اها دهشتگردي ٻيهر تيزي سان ڪَر کڻي رهي آهي. اسان کي ان جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. پراڊڪشن آرڊر اسپيڪر جو استحقاق ??هي، اسپيڪر سمورين پارٽين جي ڪميٽي ٺاهي ۽ ان جي لاءِ جينوين ٽي آو آرز ڏي ته جيئن ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن رستي جو تعين ٿي سگهي. حڪومت ان ڏس ۾ مڪمل معاونت فراهم ڪندي.
جمهوريت ۽ آئين جي مضبوطي جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي هلڻ گهرجي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری