اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چ??و آهي ته حڪومت ننڍي ڪاروبار جي همٿ افزائي ڪري رهي آهي، بزنس فنانسنگ جي طريقيڪار ۾ بهتري آڻڻ تي ڪم جاري آهي، آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿ??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي ”ايڪسپورٽس ليڊ اڪانومي، ريس ٽو 100 بلين ??ال??“ جي موضوع تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انرجي ٽيرف ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون جاري آهن، بجلي چوري ۽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڄام ڪمال خان چيو ته ڪجهه ملڪن سان فري ٽريڊ معاهدن تي نظرثاني به ڪري رهيا آهيون، جنهن سان واپار ۾ وا?? ٿيندي. هن چيو ته اسان جو هدف وچ ايشيائي رياستن تائين مڪمل واپار جي پهچ آهي. هن چيو ته ڪورونا کانپوءِ دنيا جو ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻ وڌي و??و آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح ۽ پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي جنهن سان ڪاروباري ماڻهن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، جڏهن ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي بڻائي آهي. هن چيو ته 6 مهينن ۾ مهانگائي ۽ـ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي. عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ وڌيڪ توجهه ٽيڪسٽائل سيڪٽر تي ڏني وئي، موجوده حڪومت فارماسيوٽيڪل روانگي واپار تي توجهه ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اقتصادي مستقبل روانگي واپار ۾ نمايان اضافي تي ٻَڌل آهي. روانگي واپار کي 60 ارب ??ال??ن تائين پهچائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي بڻائي وئي آهي. ڪووڊ 19 ۽ يوڪرين جنگ عالمي سطح تي پاڪستان جي روانگي واپار کي متاثر ڪيو. هن چيو ته داخلي، سياسي استحڪام، معاشي پاليسين جي تسلسل کي نقصان پهچا??و آهي، مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 30.6 ارب ??ال??ن تائين پهچي و??و آهي، مالي سال 2029ع تائين روانگي واپار کي 60 ارب ??ال??ن تائين وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن.
حڪومت ننڍي ڪاروبار جي همٿ افزائي ڪري رهي آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ