باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۽ 10 سال اڳ پيرس ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، دنيا کي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر کي سربراهي اجلاس جي بهترين انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلي?? کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. دنيا جي اڪثر ملڪ?? کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن سبب نقصان درپيش آهي. پاڪستان به ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شا??ل آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستا?? کي 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، 1700 جي لڳ ڀڳ جانين جو نقصان ٿيو، ان کانسواءِ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويون ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ٻوڏ جي ڪري اسڪولن جون عمارتون ڊهي ويون ۽ پاڪستا?? کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم ان موقعي تي بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جي هڪ شاگرد اڪرام الله کي بطور مثال پ??ش ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙ?? کي ٻڌايو ته ان شاگرد جو ڳوٺ، گهر ۽ اسڪول سڀ ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، ا?? کي پاڪستان حڪومت لارنس ڪاليج مري ۾ بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪيون ۽ ان جي زندگي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي منفي اثر?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم عالمي برادري کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصان?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان جا واعدا ياد ڏياريندي چيو ته ڪوپ 29 ۾ ڪيل مالياتي واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان وانگر ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين. هن چيو ته عالمي ماحولياتي آلودگي ۾ پاڪستان جو حصو 0.5 سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر اسان ان جي ڪري ٿيندڙ تباهين ۽ آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شا??ل آهيون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي انصاف کانسواءِ ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، اسان نيشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پاڪستان متبادل توانائي جي ذريعن ۾ سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پنهنجي انرجي مڪس ۾ ڪلين سورسز جو حصو 60 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ ۽ 30 سيڪڙو گاڏي?? کي اليڪٽرڪ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ اڪيلي موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم نه ٿا کڻي سگهن، عالمي برادري کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. وزيراعظم زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيل فنڊز قرض طور نه پر گرانٽ طور ڏنا وڃن ڇو ته اسرندڙ ملڪ انهن قرضن جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۾ ڪيل مالي واعدا پورا ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو ته 10 سال اڳ پيرس ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اسان انهن جي به پوري ٿيڻ جا منتظر آهيون. وزيراعظم چيو ته دنيا هاڻي موسمياتي تبديلين جا سبب ڄاڻي چڪي آهي ۽ ان جا حل به ڳوليا ويا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان فوري قدم کڻون. هن چيو ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:30
محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر