اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کا?? جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کني?? وڃن، دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، غريب عوام کي ٽيڪس جو وڌيڪ بار وجهڻ جي بدران باقيدارن ک??ن ٽيڪس وص??ل ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان لينڊ روينيو جي اپيليٽ ٽربيونلز جي معاملن تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي عدالتن ۾ التوا هيٺ اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کا?? جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کا?? جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. وزيراعظم اپيليٽ ٽربيونلز ان لينڊ روينيو ۾ عالمي معيار جي افرادي قوت کي سُٺي پگهار، مراعتن ۽ پيشيواراڻي ٽيلينٽ جي بنياد تي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين ٽيلينٽ کي مقرر ڪري اوڳاڙين جا ڪيس فوري حل ڪي?? وڃن، ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ايف بي آر اوڳاڙين تي ڪم تيزي سان جاري آهي. تازو ئي مون ڪراچي ۾ فيس ليس اسيسمنٽ نظام جاري ڪيو، جديد خودڪار نظام سان ڪرپشن جو خاتمو ۽ ڪسٽمز ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ پئسي جو تحفظ ڪنداسين، ٽيڪس نه ڏيندڙن ک??ن ٽيڪس وص??ل ڪنداسين، نه وري غريب عوام تي ٽيڪس جو بار وجهنداسين. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونلز جي سڌارن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سڌارن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، اٽارني جنرل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ايف بي آر کي عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک