مدينه منوره- 18 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي اختيارين چيو آهي ته مسجد نبوي ۾ هڪ هفتي دوران 51 لک کان وڌيڪ زا??رين جي آمد ٿي جڏهن ته 15 هزار کان وڌيڪ بزرگن ۽ معذورن کي خاص سهولتون ڏنيون ويون. سعودي عرب جي خابرو اداري مسجد نبوي انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي دوران 51 لک 19 هزار زا??رين جي مسجد نبوي ۾ آجيان ڪئي وئي. 15 هزار 295 بزرگن ۽ معذورن کي خاص سهولتون ڏنيون ويون.5 لک هڪ هزار 938 زا??رين روضه رسول ص??ي الله عليه وآله وسلم تي حاضري ڀري جڏهن ته 2 لک 34 هزار 341 زا??رين رياض الجنه ۾ نماز ادا ڪئي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته مختلف ٻولين ۾ ترجمي جي سهول??ن مان 87 هزار 446 زا??رين لاڀ ماڻيو جڏهن ته مسجد نبوي جي لائبريري مان لاڀ کڻندڙ ن جو ا??گ 13 هزار 584 تائين رهيو. ان کان علاوه زا??رين کي 42 هزار 125 تحفه ڏبا ويا جڏهن ته 8 هزار 638 فون سروسز ۽ ٻين مواصلاتي چينلز مان فائدو کنيو ويو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته زا??رين ۾ هڪ هفتي دوران هڪ لک 11 هزار 600 زمزم جون بوتلون ۽ 92 هزار 992 افتار پيڪيٽس ورهايا ويا.
مسجد نبوي ۾ هڪ هفتي دوران 51 لک زائرين جي آمد، بزرگن ۽ معذورن کي خاص سهولتون ڏنيون ويون: انتظاميا
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو