رياض/واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ خطرناڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. انڊيپنڊنٽ اردو مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير انٽونڪي بلنڪن پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه جي صورتحال ۽ اتي خطرناڪ انساني بحرانن کي مُڻهن ڏيڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي جي صورتحال کان علاوه گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آه?? ته انٽوني بلنڪن سعودي هم منصب سان ڳالهائيندي غزه ۾ بنيادي انساني ض??ور??ن جي فراهميءَ کان علاوه ان جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن هڪ آ??اد فلسطيني رياست قائم ڪ??ڻ لاءِ آمريڪي عزم جو اظهار، جڏهن ته احمر سمنڊ جي عالمي سامونڊي حدن ۾ واپاري جهازن تي حوثين جي لڳاتار حملن جي مذمت ۽ـ سمورن شراڪتدارن وچ ۾ سامونڊي سلامتيءَ لاءِ ??هڪ??ر تي زور ڀريو. واضح ره?? ته سعودي پرڏيهي وزير هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ چيو هو ته غزه ۾ ويڙهه جو فوري خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ته سڄي دنيا جون حڪومتون غزه ۾ جنگبنديءَ کي ترجيح ناهن ڏئي رهيون. ان کان علاوه گڏيل قومن ۾ غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري طور جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو پر آمريڪا ۽ـ اسرائيل طرفان ان جي مخالفت ڪئي وئي.
آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، غزه ۾ خطرناڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا