اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل جمهوريت ۾ آهي ۽ اسان جمهوري نظام جي ذريعي سياسي نظام جي تسلسل، بهتر حڪمراني کي حاصل ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهون ٿا. هن اها ڳالهه ڪنوينشن سي??ٽر ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي ستين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. قائداعظم يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ??اويد اشرف به ان موقعي تي موجود هو. صدر ان امر تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته معاشري جا سڀئي طبقا ملڪي ترقي ۽ خوشحالي کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ متحد آهن ۽ ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي. صدر نوجوانن تي زور ڏنو ته هو جديد ۽ سائنسي تعليم کي حاصل ڪرڻ تي پن??نجو ڌيان ڏين.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا