اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان برطانوي گهرو ??يڪريٽري امبررڊ هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعظم محمد نواز شريف برطانوي گهرو ??يڪريٽري جي آجيان ڪندي برطانوي وزيراعظم ٿريسامي سان سيپٽمبر 2016ع ۾ گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ پنهنجي تعميري ملاقات جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل ت??ريخ ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ج?? بنياد تي ٻڌل آهن ۽ پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ تعاون ج?? سلسلي ۾ ويجهو سهڪار آهي، هن چيو ته گهري ادارا جاتي ٻه طرفي تعاون مان پاڪستان ۽ برطانيه جي لاڳاپن ج?? مضبوطي جي عڪاسي ٿئي ٿي، هن چيو ته وڏي تعداد ۾ برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻا مددگار آهن، هن چيو ته اسان برطانيا سان موجوده لاڳاپا خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.
وزيراعظم سان برطانوي گهرو سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب