اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي متفقه طور تي قرار ڏنو آهي ته ٻطرفين خاطرين تي ڪاربند رهندي مسلمان امت جي بهترين مفاد ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ انتهائي اه??يت وارو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اج??اس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. اج??اس ۾ گهرو وزير احسن اقبال، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چي??رم??ن جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر ??او??د باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل سهيل امان ۽ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب پرڏيهي سيڪريٽري علائقائي سلامتي خاص طور تي وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ