اسلام آباد – 26 جنوري (ا?? پي پي) انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو چيو آهي ته فوجي طاقت جي استعمال ۽ هٿيارن جي ڊوڙ سان تڪرارن جو حل ممڪن ناهي، جم??وريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن جو بهترين تحفظ آهي، جم??وريت فيصلا سازي ۾ به اهم ڪردار رکندڙ آهي، جم??وريت جي ڪري ئي انڊونيشيا ۾ معاشي واڌ ويجهه جي شرح پنج سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ مستحڪم آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي دوستي نئين نئين قائم ناهي ٿي پر اسان پاڪستان جو ان لاءِ به قدر ڪندا آهيون ته پاڪستان اسان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڪردار ادا ڪيو، 17 آگسٽ 1995ع تي انڊونيشيا جي سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان جي باباءِ قوم قائد اعظم کي انڊونيشيا جي آزادي جي ??دو??هد جي حمايت تي انڊونيشيا جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ڏن?? ويو، هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڪيترائي قدر گڏيل آهن.
جمهوريت جو فيصلا سازي ۾ اهم ڪردار آهي: انڊونيشيا جو صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania