اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته موجوده جمهوري حڪومت 17 سالن کانپوءِ صحافين جي لاءِ اٺين ويڄ بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪري ورتي آهي، آئين ۽ قانون موجب اٺون ويڄ بورڊ لاڳو ڪيو ويندو، صحافي پنهنجي حق کان محروم هئا، صحافين جي قلم جي طاقت جمهوريت کي پنهنجي پ??رن تي بيهاري رکيو آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ اٺين ويڄ بورڊ جي نوٽيفڪيشن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ صحافين جو وڏو انگ م??جود هو. مملڪتي وزير چيو ته جولاءِ ۾ پاڪست??ن ۾ جمهوريت جا 10 سال مڪمل ٿيڻ وڃي رهيا آهن، مون کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين تمام گهڻي عزت ڏني، اٺين ويڄ بورڊ جو اعلان منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون