اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ چين ان عزم کي ورجايو آهي ته عالمي معاملن تي پاڪس??ان ۽ چين هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت جاري رکندا، سي پيڪ منصوبو چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ ويزن جو عڪاس آهي جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان پرعزم آهي ته هو پن??نجي سرزمين ڪنهن جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. پاڪس??ان جي دوري تي آيل چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سندس استقبال ڪيو. ٻنهي هم منصبن جي وچ ۾ ملاقات به ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن