اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري واد حسين چيو آهي ته احتساب جو عمل جاري رهندو، لاڙڪاڻي کان لاهور تائين مافيا جون چيخون نڪري رهيون آهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏن وڏن ماڻهن تي هٿ وڌو ويو آهي، عدليه ۽ عدليه سان ل??ڳا??يل ادارن کي نشانو بڻائڻ مسل?? ليگ (ن) جو پراڻو شيوو رهيو آهي، معيشت، جمهوريت ۽ اسلام کي نه پر چورن کي خطرو آهي، پاڪستان جي ترقي جو عمل جاري رهندو ۽ ڪير به پاڪستان کي اڳتي وڌڻ کان نه ٿو روڪي سگهي، جيڪا منصوبابندي ڪئي آهي ان سان پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿيندي. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڊر??م هوم ايڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ قدم جاري آهن.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ