اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته احتساب جو عمل اڳتي وڌندو، بدعنواني جي خلاف جنگ سمورن طبقن جي جنگ آهي، سمورن ادارن ۽ طبقن کي وزيراعظم عمران خان جو ساٿ ڏي?? گهرجي، مهانگائي، ڊالر جي قدر ۾ اضافو ۽ اسان جي ڪيترن ئي مسئلن جا ذميوار پاڪستان تي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ حڪومت ڪندڙ ٽي خاندان آهن، مني لانڊ??نگ ذريعي ڦريل دولت ٻاهر موڪلڻ ۽ ان دولت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ منصوبو تخليق ۽ عمل ڪرڻ جي ذميواري اقتصادي هٽ مين اسحاق ڊار کي ڏني وئي. اوڳاڙين واري ??ملڪتي وزير حماد اظهر ۽ وزيراعظم جي احتساب واري خصوصي معاون بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو ته مني لانڊ??نگ جا جيڪي ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن ضروري آهي ته قوم جي آڏو حقيقتون رکيون وڃن.
احتساب جو عمل اڳتي وڌندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں