اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪٽوريل ايڪٽ ۾ ترميم، شڪي لائسنس رکندڙ وڌيڪ 22 پائليٽس جا لائسنس رد، ايٽي مليريئل ڊرگ ۽ حفاظتي لباس برآمد ڪرڻ، انفلوئنزا، ڪينسر سميت زندگي بچائيندڙ مختلف 250 دوائن جي ريٽيل پرائسنگ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا ماڊل جيل جي قيام جي لاءِ گرين ايرياز ??ي جيل جي دياور ۽ عمارت جي تعمير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هداايت ڪئي ته گرين ايرياز ??ي ڪيل تعميرات فوري طور تي ڊاهيون وڃن ۽ گرين ايرياز ??حال ڪيا وڃن، گرين ايرياز ??ي اڏاوتن جي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي و??ي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ مستحق خاندانن کي احساس پروگرام جي ذريعي مدد فراهم ڪئي و??ي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا شڪي لائسنس رکندڙ پائليٽس جي خلاف جاري ڪارروائي ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات واري وزير شبلي فراز جي ميڊيا بريفنگ
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável