اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) عوامي مس??م ليگ جي سربراهه ۽ گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته غريب عوام ۽ پگهاردار طبقي جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جهڙي طرح وزيراعظم ختم نبوت جو جهنڊو بلند ڪيو آهي الله پاڪستان ۾ عمران ??ان جو جهنڊو بلند ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منطوري کانپوءِ ڳالهائيندي عوامي مس??م ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته ماضي ۾ مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو آهي ته ڏهه ڏهه، ٻارنهن ٻارنهن ماڻهن پوري نظام کي اپ سيٽ ڪيو. عمران ??ان تباهه حال معيشت کي جهڙي طرح سهارو ڏن?? ۽ 20 ارب ڊالر جي خساري کي سرپلس ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته مون ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪيو آهي پر انهن اهڙو ڪم نه ڪيو جهڙي طرح عمران ??ان ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي سال گذري ويا آهن، الله وزيراعظم کي نئين سياسي زندگي ڏن?? آهي. وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. جڏهن ته غريب عوام جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتڪار ڪنهن جا ناهن هوندا.
وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل