اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج آهي، ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويز ڪيل بل ۾ فيڪ نيوز ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن کانسواءِ ڪنهن به قسم جي ترميم جي لاءِ تيار آهيون، حڪومت ميديا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آهي جنهن ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، پي ايم ڊي اي بابت خدشا ختم ڪيا ويندا، حڪومت کي ميڊيا ورڪرز سدائين گڏ بيهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جي ??فد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت ميڊيا کي ڊيل ڪندڙ سمورا قانون ڊيجيٽل ميڊيا جي انقلاب کان اڳ تيار ٿيا، پيمرا جو قانون 2002ع م ان وقت ٺهيو جڏهن ڊيجيٽل ميڊيا موجود نه هئي. هن چيو ته 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف ??اڪ??تان، ??اڪ??تان ٽيليڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ نيوز پيپرز ايمپلائيز بابت امپلي مينٽيشن ٽربيونل شامل آهن. هن چيو ته سوشل ميديا تي فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جو اٽڪل 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، اسان 80 هزار جانيون ق??با?? ڪيون، ان جي باوجود اسان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آهيون. هن چيو ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويز ڪيل بل ۾ فيڪ نيوز ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن کانسواءِ اسان ڪنهن به قسم جي ترميم لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ??اڪ??تان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان 5 ملڪن جي قانونن جي اسٽڊي ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا ورڪرز کان فورسڊ ليبر وانگر ڪم ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته انهن کي ڪانٽريڪٽ تائين نه ٿو ڏنو وڃي. ڊي ايس اين جي جي ڊرائيورز ۽ اين ايل ايز وٽ پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڪو رستو موجود نه آهي، اسان ميڊيا ادارن کي 75 ڪروڙ رپين جي ادائيگيون ڪيون پر ان جي باوجود اهي پنهنجي ورڪرز کي پگهارون ادا نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت کي ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيهڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم جي نئون ??اڪ??تان هائوسنگ اسڪيم ۾ صحافين کي پلاٽ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي آر آءِ يو جي جي ??فد اطلاعات واري وفاقي وزير کي ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ جي قدمن تي پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??فد جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. آر آئي يو جي جي ??فد ۾ صدر شڪيل احمد، جنرل سيڪريٽري صديق انظر، ??ائب صدر منيبه افتخار، صدر وومين جرنلسٽس پروٽيڪشن فورم فرحت فاطمه، راڻا رضوان، عثمان خان، جوائنٽ سيڪريٽريز اظهر شريف، عمر جٽ، شازيه طاهر، ??نانس سيڪريٽري اياز اڪبر، ايگزيڪيوٽو ميمبر عثمان مغل، زبير خان، ناصر عباس، عثمان ملڪ، سيد ياسين هاشمي شامل هئا.
ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويز ڪيل بل ۾ فيڪ نيوز ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن کانسواءِ ڪنهن به قسم جي ترميم لاءِ تيار آهيون: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina