اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان کانپوءِ آزاد چمون ۽ ڪشمير ۾ به بري طرح شڪست ٿي آهي، عام چو??ڊن وانگر پيپلزپارٽي کي آزاد ڪشمير جي ضمني چو??ڊن ۾ به ائين ئي شڪست ٿيندي، ماضي گواهه آهي ته بلاول جنهن جنهن جي اليڪشن مهم ۾ حصو ورتو اهو اميد??ار آخري نمبر تي آيو، ان سان وڏو ٻيو ڪهڙو ڪهڙو هوندو ته بلاول عوام ۾ بيهي چو?? ٿو ته آزاد ڪشمير پيپلزپارٽي جو آهي، وفاق، چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جو خواب ڏسندڙ بلاول احمقن جي جنت ۾ رهي ٿو. بلاول زرداري جي خطاب تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جون نيون ??او??تون، نوان طريقا ايجاد ڪندڙ زرداري آهي، جعلي اڪائونٽس ۽ ايان علي جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪندڙ به اهي ??ي آهن. هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ بدترين غربت، بيروزگاري ۽ لاقانونيت آهي، ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي، جيڪڏهن ٿوري برسات پئجي وڃي ته پورو ڪراچي ٻڏي وڃي ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪرپشن، روزگار وڪرو ڪندڙ ۽ ڪميشن وٺندڙ پارٽي آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، توهان کي شايد خبر نه آهي ته مشرف دور ۾ اين آر او ڪنهن ورتو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سستي گهرن، نوڪرين جي فراهمي، وسيلن جي برابر ورڇ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو تهپارليامينٽ جي اندر مقابلي جون ڳالهيون ڪندڙ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ به ايندا ڪن.
پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان کانپوءِ آزاد چمون ۽ ڪشمير ۾ به بري طرح شڪست ٿي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا