لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي، صحافت جي شعبي ۾ فيڪ نيوز پکيڙڻ تمام آسان ٿي ويو آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ميديا ۾ توازن رکڻ ضروري آهي، مسلم دنيا ۾ پاڪس??ان جو ڪو مقابل نه آهي، اسان پنهنجي صحافتي آزادين جو تقابل ٿرڊ ورلڊ يا مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا، پاڪس??ان جڏهن ٺهيو ته دنيا جا مسلمان ان کي نشاط ثانيه جي طور تي ڏسي رهيا هئا، عورت ليڊرشپ پيدا ڪرڻ ۾ مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي صحافت جا روشن ستارا هئا، مولانا ظفر علي خان مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان صحافت ڪريون ذميواري سان. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان مرحوم جي 65 هين ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا ظفر علي خان مرحوم کي پاڪس??ان ۾ باباءِ صحافت چيو وڃي ٿو، هو تحريڪ پاڪس??ان جو اهم اڳواڻ ??و. ??ن چيو ته اسان جي بزرگن تحريڪ پاڪس??ان جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، 1946ع ۾ چوڌري اويس جهلم ضلعي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو، منهنجو چاچو چوڌري الطاف 1952ع ۾ اولهه پاڪس??ان اسيمبلي جو ميمبر رهيو، مختلف حيثيتن سان هن تحريڪ پاڪس??ان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1870ع ۾ پهرين اخبار هيڪن گزٽ جي نالي سان ڪوڪلڪتا مان شايع ٿي، هندس??ان جي مختلف شهرن ۾ صحافت جو وڏو غلبو رهيو آهي، اتر انڊيا ۾ صحافت جو مرڪز لاهور هو، لاهور مان تمام وڏيون اخبارون شايع ٿيون. هن چيو ته 1903ع ۾ مولانا ظفر علي خان جي والد زميندار اخبار شروع ڪئي. واشنگٽن ۾ قائم اخبارن ۽ ميڊيا بابت ميوزيم جي طرز تي اسان کي لاهور ۾ به ميوزيم ٺاهڻ گهرجي، لاهور ۾ اردو بازار تاريخي اهميت رکي ٿي، ڪتاب ۽ پرنٽنگ سان شرف رکندڙ ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا.
پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری