ڪويت سٽي-22 آڪ??وبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جي پاڙيسري مل??ن عهد ڪيو آهي ته هو ڪنهن حملي لاءِ پنهنجي سرزمين يا فض??ئي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين آڪ??وبر تي اسرائيل تي ايران جي ميزائل حملي جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ڪويت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اسان جي سمورن پاڙيسري ملڪن ا??ان کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي سرزمين يا فض??ئي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هن چيو ته ا??ان خطي ۾ آمريڪي اڏن جي چرپر تي گهري نظر رکي آهي ۽ انهن جي سموري چرپر ۽ اڏامن بابت ڄاڻون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن به شڪل ۾ ايران تي حملو ڪري ٿو ته ايران ان جو جواب ڏيندو. هن چيو ته ايٽمي هنڌن تي حملو ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، ايتري قدر تي ايٽمي هنڌن تي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ به هڪ ڏوهه ۽ عالمي حقن جي خلاف ورزي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي ايٽمي هنڌن جي دفاع لاءِ ا??ان وٽ پنهنجا اوزار ۽ طريقا آهن ۽ ا??ان انهن تي ڀروسو ڪيون ٿا.
پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا: ايراني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا