اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عملي تربيت ۽ هنرمند افرادي قوت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي افرادي قوت ۾ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وقت سر قد??ن سان انهن جي صلاحيتن کي نکاري عالمي سطح تي پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ جا موقعا ڏنا وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنرمند?? جي تعليم جي حوالي سان بين الصوبائي تعاون بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، صوبائي وزيرن راجا ياسر همايون، ڪامران بنگش، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون سردار تنوير الياس، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بور?? جي سي اي او شباهت علي شاهه، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسين، ٽيوٽا جي چيئرمين علي سلمان صديقي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽ?? جي چيئرمين عامر هاشمي، سجاد برقي، عاطف خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان جي هنرمند ماڻهن کي عالمي معيار موجب تربيت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني افرادي قوت کي عالمي سطح ت?? جيڪي چئيلنجز درپيش آهن ان جي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي ادارن جي تعاون سان هڪ ??وس حڪمت عملي ٺاهي ويندي، ماضي ۾ ان شعبي کي نظرانداز ڪرڻ نوجوان نسل کي هنرمند افرادي قوت ۾ تبديل ڪرڻ بدران بيروزگاري ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ کوٽ جو سبب بڻيو.
پاڪستان جي افرادي قوت ۾ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی