اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي بئنڪ جي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي فراڊ سبب متاثر شهري کي 8 لک روپين جي رقم واپس ڪرڻ جو محتسب جو فيصلو برقرار رکيو آهي. تفصيلن موجب نويره (شڪ??يت ڪندڙ) ڪنهن مسلم ڪمرشل بئنڪ جي گلشن راوي برانچ لاهور ۾ اڪائونٽ هو، چار مختلف اي ٽي ا??م ٽرمينلز تي ا?? ٽي ا??م ڪارڊ جو استعمال ڪندي شڪ??يت ڪندڙ جي اڪائونٽ مان ڊيبٽ ٿيڻ کانپوءِ ان کي پنهنجا پئسا وڃائڻا پيا، هن دعويٰ ڪئي ته اها ٽرانزيڪشن غير مجاز هئي ڇو ته اها هن ناهي ڪئي ۽ اي ٽي ا??م ڪارڊ هن وٽ هو. هن اهو به ٻڌايو ته رقم جي اڪائونٽ مان نڪرڻ جي باري ۾ ڪو به ايس ايم ايس ناهي مليو سواءِ ان جي ته 24 -01 -2019ع تي مليل هڪ پيغام ۾ ان جي اڪائونٽ مان 200،000 روپيا ڪڍڻ جو اطلاع ڏنو ويو هو. ايس ايم ايس ملڻ تي هن بئنڪ ۾ شڪ??يت داخل ڪرائي، تنهن ه??ندي به کيس ڪو به رليف فراهم نه ڪيو ويو، ان کانپوءِ هن بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو ته جيئن سندس اڪائونٽ مان دوکي سان ڪڍيل 800،000 روپين جي واپسي ٿي سگهي، بئنڪنگ محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته شڪ??يت ڪندڙ جي اضافي رابطا نمبر بئنڪ جي رڪارڊ ۾ اڪائونٽ هولڊر جي پاران ڪنهن اجازت کان سواءِ شامل ڪيا ويا هئا، ان لاءِ شڪ??يت ڪندڙ کي روڪ رقم ڪڍڻ جي ڏي وٺ بابت ايس ايم ايس ملي نه سگهيو، وڌيڪ بئنڪ پنهنجو پن ڪوڊ 21-01-2019ع تي ، ڏي وٺ صرف ٽي ڏينهن پهرين، هڪ جعل ساز طرفان فون ??ال موصول ٿيڻ بعد تبديل ڪيوو يو هو ڇو ته فون بئنڪنگ آفيسر ??ال ڪندڙ جي تحقيقات نه ڪئي هئي، بئنڪ ٻڌڻي دوران تسليم ڪيو ته ??ال ڪندڙ جي آواز عورت شڪ??يت ڪندڙ جي آواز کان مختلف هئي، وڌيڪ تاريخ ۽ وقت سان گڏ تڪرار ڏي وٺ جي قابل فهم سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ سنيپ شاٽس نظر اچي رهيا هئا ڇو ته بئنڪ کي ا?? ٽي ا??م ڪيسز/ ڪمرن ۾ ڪئميرا لڳائڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هدايتن تي عملدرآمد ۾ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ويو هو ته جئين ثانوي ثبوت حاصل ڪري سگهجي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بئنڪ جي ذميداري آهي ته هو ٺوس معقول ثبوتن سان گڏ اهو ثابت ڪري وٺي ته ڏي وٺ شڪ??يت ڪندڙ جي ذريعي ڪيو ويو هو يا ان جي مينڊيٽ تحت ڪنهن شخص ڪيو هو، ان جي لاءِ محتسب بئنڪ کي حڪم ڏنو ته هو شڪ??يت ڪندڙ جي اڪائونٽ ۾ 800،000 روپين جي رقم جمع ڪري نقصان کي پورو ڪري، بعد ۾ بئنڪ صدر مملڪت وٽ هڪ اپيل داخل ڪئي، جنهن کي هن اهو چوندي رد ڪري ڇڏيو ته بئنڪ پنهنجي قانوني ذميداري کي پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي ۽ بئنڪنگ محتسب جي حڪمن کي رد ڪرڻ جو ڪو به جواز فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي رهي، هن قرار ڏنو ته قانون موجب بئنڪنگ محتسب جو ڪم بئنڪنگ جي بدعنواني، بدانتظامي، غلط ڪمن، دوکي سان ڏي وٺ بئنڪ عملدارن جي بدعنوان ۽ غير اخلاقي طريقن بابت شڪايتن جي ا??ڪوائري ڪرڻ آهي ۽ انڪوائري جي پڄاڻي تي مناسب حڪم جاري ڪرڻ آهي، صدر نجي بئنڪ جي ا??يل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان معاملي ۾ بئنڪنگ محتسب جي موقف ۾ ڪا به خامي نه ڏٺي وئي.
صدر پاران نجي بئنڪ جي اپيل رد، شهري کي رقم واپس ڪرڻ جو فيصلو برقرار
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ