اسلام آباد – 25 ڊسمبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ جي نئين ??نظيمي عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سنڌ جي علي حيدي زيدي، خيبرپختونخواهه جي پرويز خٽڪ، بلوچستان جي قاسم خان سوري، پنجاب جي شفقت محمود ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر خسرو بختيار تنظيمي معاملن کي بهترين ??نداز سان هلائيندا، وزيراعظم عمران خان پارٽي معاملن کي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ ا??و قدم کنيو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جنهن جي سمورين ??ڪائين ۾ نمائندگي آهي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي ڪارڪن نئين قيادت کي مضبوط بڻائيندا. هن چيو ته انشاءَ الله خيبرپختونخواهه ۾ بلديا??ي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ پنجاب جي بلديا??ي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ