اسلام آباد – 24 ̵1; ا??ريل (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاهور جي دوري جي موقعي تي ڪوٽ لکپت جيل جو دورو ڪيو ۽ قيدين جي سزائن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل سڌارن جي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاران اعلان ڪيل جيل سڌارا ڪ??يٽي ۾ چئني صوبن جي نما??ند??ي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شه??از شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شه??ي بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي ??ڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قيدين کي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعا موثر طور تي ??ستعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو، سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں