اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان ملاقات ۾ ٻن نقطن تي ڳالهه ڪئي. هڪ اهو ته تمام وڏي پئماني تي ٻوڏ جي چئلينج ۾ اسان کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ان عزم جو اظهار ڪيو ته سموري ملڪي ۽ عالمي امداد ۽ معاونت جي آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان آڊٽ ڪرائي ويندي. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان هڪ پرجوش ملاقات هينئر ??تم ٿي آهي جنهن ۾ انهن کي ٻوڏ جي ڪاٿي، ان جي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٿي. هن چيو ته م??هن??ي انهن سان ڳالهه ٻولهه جو محور ٻن بنيادي نقطن تي هو، هڪ اهو ته ان ٻوڏ جي ڪاٿي کي ڏسي اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي وقت آهي ته سياست کي هڪ طرف ڪري ٻو?? متاثرين جي مدد اسان جي ترجيحن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته م??هن??و ٻيو نقطو اهو هو ته م??هن??و عزم آهي ته مقامي ۽ عالمي سطح تي ملندڙ امداد ۽ معاونت جي آڊٽ آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان ڪرائي ويندي.
ملڪي ۽ عالمي امداد جي آڊٽ آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان ڪرائي ويندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha