اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران سان وڌندڙ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته توانائي جا منصوبا ۽ سرحدي منڊيون پاڪ ايران دوستي جي سربلندي جي علامت آه??، پاڪستان ايران سان مختلف شعبن ۾ لا??اپن جي فروغ ۽ افغانستان سميت خطي جي گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آه??، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لا??اپن ۾ اڳڀرائي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي. اها ڳالهه هن ايران جي خابرو اداري اسلامڪ ريپبلڪ نيوز ايجنسي (اِرنا) کي خصوصي انٽرويو ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران گهري مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آه??، ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي عوام جي بهتري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ ويجهي تعاون کي فروغ ڏئي رهيون آه??. وزيراعظم چيو ته مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد توانائي جا منصوبا گڏيل عزم جو مظهر آه??. مند پشين سميت سرحدي مارڪيٽون نه رڳو اسان جي سرحدي علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي بهتر بڻائينديون پر مقامي ڪاروبارن جي لاءِ نئين موقعن کي به فروغ ڏينديون. اهي مارڪيٽون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي اڳتي وائينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ان جو پڪو يقين آه?? ته ٻطرفو واپار هڪ اهڙو شعبو آه?? جتي اسان کي پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ ۽ پنهنجي گڏيل توانائين ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته واپاري صلاحيت کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ هتي تمام وڌيڪ گنجائش موجود آه??، پاڪستان ۽ ايران 5 ارب ڊالر ساليانو واپاري ڪاٿو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه??. ان سلسلي ۾ بارڊر ٽريڊ مڪينزم کي فعال ڪرڻ اهم قدم آه??. سرحدي منڊيون اسان جي واپار کي فروغ ۽ اسان جي قومن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته گذريل سال آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏيل اقتصادي ڪميشن جي ايڪيهين اجلاس دوران ٻنهي ملڪن خاطرخواهه اڳڀرائي ڪئي، ان رفتار کي برقرار رکڻ ضروري آه??. وزيراعظم پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هو ان موقعي تي ايران ۽ سعودي عرب جي حڪومتن کي سفارتي لا??اپن جي بحالي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. اهو سنگ ميل ايران ۽ سعودي عرب جي قيادت جي دورانديشي ۽ چين جي قابل قدر ڪردار جو واضح ثبوت آه??. هن چيو ته اسان کي يقين آه?? ته اها اڳڀرائي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته پولان گوادر بجلي جو منصوبو پاڪستان ۽ ايران دوستي جي مضبوطي جو مظهر آه?? جيڪو اسان جي گڏيل لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. جهڙي طرح ٻنهي طرفن جي ڪوششن سان رڪارڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿيو، اهو اسان جي ٻطرفي تعاون جي صلاحيت جو عمده مثال آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بندرگاهن ۽ سامونڊي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??يترن ئي قدمن تي ڳالهه ٻولهه جاري آه?? جن ۾ گوادر ۽ چاهه بهار جي جاڙين بندرگاهن جي وچ ۾ تعاون به شامل آه??. وزيراعظم چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن خاص طور تي علائقائي واپار، ٽرانزٽ ۽ گڏيل رابطاڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عظيم فلسفي شاعر علامه اقبال افغانستان کي ايشيا جو دل قرار ڏنو هو، جهڙي طرحه هڪ صحتمند دل متحرڪ جسم کي برقرار رکي ٿو، اهڙي طرح هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي امن ۽ خوشحالي جو ذريعو آه??. شهباز شريف چيو ته پاڪستان افغانستان سميت خطي جي گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آه??. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان ان کي هن وقت سيڪيورٽي، اقتصادي ۽ انساني شعبن ۾ ڪيترائي ڏکيا چئلينجز درپيش آه??، 28 ملين کان وڌيڪ ماڻهن ۽ ٻه ڀاڱي ٽي افغان آبادي کي زندهه رهڻ جي لاءِ فوري انساني مدد جي ضرورت آه??. دهشتگردي جي لعنت افغانستان جي بيگناهه شهرين جون حياتيون وٺي رهي آه??. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي ان مشڪل وقت ۾ افغانستان جي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي. افغانستان جي عبوري حڪومت سان تعميري رابطا لازمي آه??. اسان کي عالمي برادري جي ترجيحن جي درجابندي جي لاءِ هڪ متوازن موقف جي ضرورت آه?? جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٺوس طرز حڪمراني کي فروغ ڏيڻ شامل هوندو. هن چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي لاءِ پائيدار اقتصادي لنگهه کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۽ ايران سميت افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو ان ڏس ۾ اهم ڪردار آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪ ايران لا??اپا ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن جي ذريعي ويجهي ۽ مسلسل تعاون جي تاريخ سان ڳنڍيل آه??. اسان جي ٻنهي قومن جي وچ ۾ پراڻا لا??اپا اڄ هڪ مضبوط رشتي ۾ بدلجي چڪا آه??. وزيراعظم ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته ايرانجي نيوز ايجنسي ”اِرنا“ ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) تازو ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آه??. هن چيو ته ٽيليويزن، فلمز، سئنيما، ادبي ۽ لساني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آه??. اهي معاهدي اسان جي ثقافتي ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ دوستي ۽ يڪجهتي جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.
توانائي جا منصوبا ۽ سرحدي منڊيون پاڪ ايران دوستي جي سربلندي جي علامت آهن، پاڪستان ايران سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ ۽ افغانستان سميت خطي جي گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر