اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، چئني صوبائي گورنرن، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اي??ل ولي خان ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ انهن ??ي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏن??ون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز ??ري?? آزاد رياست ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود کي ٽيليفون ڪري عيد جون مبارڪون ڏن??ون. وزيراعظم هن لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارتي رياستي دهشتگردي جو دليري ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ تي بهادر ڪشميرين کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آزاد ڪشمير جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين جي آزادي تائين پاڪستان طرفا?? هر ممڪن حمايت ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز ??ري?? پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوه ۽ بلوچستانجي گورنرن کي به ٽيليفون ڪئي ۽ انهن ??ي عيد جون مبارڪون ڏن??ون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز ??ري?? حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ اي??ل ولي خان کي ٽيليفون ڪيو ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ??ي عيد جون مبارڪون ڏن??ون ۽ خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملڪي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي مينجنگ ڊائريڪٽر آءِ اي?? اي?? سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت به آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز ??ري?? چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي به ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون ڏن??ون. وزيراعظم هٿياربند فوج جي پيشيواراڻه مهارت ۽ عسڪري تيارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
شهباز شريف پاران آزاد ڪشمير جي صدر، صوبائي گورنرن، اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽيليفون، عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی