اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي ”امتيازي سلوڪ، دشمني يا تشدد تي اتساهين??ڙ مذهبي نفرت جي خاتمي جي عنوان سان قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن او آءِ سي پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ڪئي. هن چي?? ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي سرعام بي ??رمتي جهڙن واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، سموريون مذهبي ??لامتون، مقدس شخصيتون ۽ آسماني ڪتاب سمورن عقيدن جي پيروڪارن جي لاءِ هڪ جهڙا مقدس آهن. وزيراعظم چي?? ته اظهار جي آزادي جي نالي تي قرآن پاڪ کي ساڙڻ جهڙي ڪڌن ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي سرعام بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چي?? ته مذهبي ??واداري، تڪثيريت ۽ سمورن عقيدن جي احترام جي گڏيل قدرن جي تحفظ جي عزم تي اتفاق راءِ سان انسانيت جي بهتر خدمت ٿئي ٿي.
پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي ”امتيازي سلوڪ، دشمني يا تشدد تي اتساهيندڙ مذهبي نفرت جي خاتمي جي عنوان سان قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania