اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم شهداءِ پوليس جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي فرض شناس فرزند?? کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، جن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ شهادت ماڻي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي جنگ جتي پاڪ فوج جون لازوال قربانيون آهن، اتي پوليس جي جوانن پڻ هر موقعي تي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ ج?? لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام پنهنجي شهيدن جي قرباني?? کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ جي ان??ن سمورن پٽن، ڌيئرن ۽ انهن جي گهرڀاتي?? کي پنهنجي ملڪ جي خدمت تي سلام پيش ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada